اختر درگاهي

اختر درگاهي

اختر درگاهي

اختر درگاهي: شاعر ۽ اديب اختر درگاهيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آهي. 24 سيپٽمبر 1964ع تي، سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”درگاهي ميراڻي“ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سندس ڏاڏي مائي ”بيگم فقيرياڻي“، سنڌ جي نامياري ڪلاڪار ۽ شاعره هئي. 1980ع ۾ روهڙيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي ادب ۽ معاشيات ۾ ماسٽر ڪيائين. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آهي. هيل تائين سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ’گل ۽ مکڙيون‘ (ٻارن لاءِ)، ’رنگ، خوشبو ۽ هوا‘ ۽ ’شاعري مُرڪي پئي‘ (2000) ڇپجي چڪا آهن، هن بيدل سائينءَ جو اردو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپايو آهي، جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع جو ’تحقيقي ادب جو اوارڊ‘ حاصل ڪري چڪو آهي. سکر نئشنل سيمينار 26- 27 مئي 2001ع تي هن جو ٻيو تحقيقي ڪتاب ’تذڪره جهان شاهي‘ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2003ع ۾ سندس ٽيون تحقيقي ڪتاب ”بيدل، بيڪس ۽ سڪايل“ شايع ٿيو. سندس ٻين ڪتابن ۾: اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام، بيدل سائينءَ جو رسالو، حال فقيري (بيگم فقيرياڻي جي سوانح ۽ شاعريسچل سائين ۽ درازي فيض، تنوارون (درگاهي ميراڻي جي ڪُليات) ۽ جانشاهي بزرگن جو ڪلام شامل آهن. ان کان سواءِ بيدل يادگار ڪميٽيءَ پاران نڪرندڙ مخزن ”بيدل“ جا ڪيترائي شمارا ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر ۽ خزانچي رهي چُڪو آهي. پاڻ هن وقت بيدل يادگار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري، سکر آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري ۽ بيدل ڪتابي سلسلي جو ايڊيٽر آهي.


لفظ اختر درگاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.09.24  عيسوي

شاعر ۽ اديب اختر درگاهيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آهي . 24 سيپٽمبر 1963ع تي ، سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرڪ خان لاشاري
اقبال شاهين
پرمانند پياسي
رفيعه ملاح
بيوس رضوي
اصغر نديم سيد
رضوي ميون شاهه عنات
روحل فقير
دادو ديال
سيد باغ علي شاهه لکوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون